اسلام آباد -11 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي، ته نگران حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ه?? ممڪن قدم کڻندي. هو قومي نصابي سربراهه اجلاس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان اجلاس جو اهتمام تعليم واري نگران وفاقي وزارت، رٿابندي واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. سربراهي اجلاس ۾ سرڪاري، خانگي، غيرسرڪاري ۽ ترقياتي شعبن جي تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير مدد علي سنڌي وفاق جي ايڪن وچ ۾ هم آهنگي لاءِ اين سي سي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن پاڪستان جي قومي نصاب (اين سي پي) جي مڪمل ٿيل ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪي??. ن??ران وفاقي وزير نصابي سڌارن ۾ عالمي معيار کي اڳيان وڌائي قوم جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي مقصد کي برقرار رکڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي اسٽيڪ هولڊرز جي ڪردار جي پڻ واکاڻ ڪئي. مدد علي سنڌي چيو ته چونڊ مضمونن جي هڪ ري??ج لاءِ نصاب جي معيار جي ترقي ۽ سڄي ملڪ ۾ فني تعليم کي هموار ڪرڻ جي حوالي سان قدم سڄي ملڪ جي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي جاري رهندا. ان موقعي تي مختلف پينل مباحثن سان گڏوگڏ ماهرن طرفان نصابي سڌارن جي مختلف رخن تي پريزنٽيشن ڏني وئي. سربراهي اجلاس دوران نصابي سڌا??ن، نصابي ڪتابن، استادن ۽ شخصيتن تي چئن مختلف پينلز مباحثي ۾ حصو ورتو. ان شعبي ۾ ماهرن پاڪستان جي تعليمي منظرنامي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي تجربن ۽ قيمتي تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) سيڪريٽريٽ ڊاڪٽر مريم چغتائي پاڪستان جي قومي نصاب جي مختلف پهلوئن تي هڪ پريزنٽيشن ڏني.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan, Türkiye to strengthen educational ties through landmark agreement
-
Bilawal defends Peca law, terms 26th amendment ‘compromised legislation’
-
Pakistanis martyred in Iran laid to rest in Bahawalpur
-
Protests in Mirpurkhas over alleged rape, murder of Hindu boy
-
Delay in funds release chokes Larkana drainage system
-
Opposition gears up to prepare new strategy on Panama leaks issue
-
Army chief says NAPs lack of progress affecting Zarb-e-Azb
-
APHC leader pays tribute to martyred youths
-
PML-N calmed barbaric Karachi: Saad
-
بلیک جیک تفریح آفیشل ایپ: دلچسپ گیمنگ کا نیا تجربہ
-
Jackpot Slot Machine Rasmi Game Website
-
T1 الیکٹرانک تفریحی قابل اعتماد گیٹ وے کی جدید سہولیات